پاڪستان هر شڪي دهشتگرد جا آمريڪا کان پنج هزار ڊالر وٺي ٿو، ايمنسٽي انٽرنيشنل

وڪي اخبار کان

ايمنسٽي انٽرنيشنل پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته پاڪستان هر شڪي دهشتگرد جا آمريڪا کان پنج هزار ڊالر وٺي ٿو. هيل تائين سوين ماڻهن کي شڪ جي بنياد تي پڪڙي آمريڪا جي حوالي ڪري ڏوڪڙ ڪمايا ويا آهن.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته صرف پڪڙڻ واري جي شاهدي جي بنياد تي ماڻهن کي دهشتگرد قرار ڏيئي آمريڪا کي فروخت ڪيو ويو آهي. اهڙي طرح آمريڪا جي حوالي ٿيندڙ ماڻهن کي افغانستان بگرام ايئربيس يا آمريڪا جي خفيه جيلن ڏانهن منتقل ڪيو ويندو آهي.

ياد رهي ته گذريل ڪيترن ئي مهينن کان سنڌي ۽ بلوچ قومپرستن کي ايجنسيون اغوا ڪري گم ڪنديون رهيون آهن، جنهن ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ جو اڳواڻ ڊاڪٽر صفدر سرڪي ۽ ڪيترائي صحافي پڻ شامل آهن.

ذريعا