پاڪستان وچٿري ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو، ميزائل وار هيڊ کڻڻ جي قابل

وڪي اخبار کان

29 نومبر 2006

پاڪستان هڪ وچٿري رينج واري حتف 4 شاهين 1 بلاسٽڪ ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو آهي. ان ميزائل جي رينج 700 ڪلوميٽر آهي.

چيو ويو آهي ته اهو تجربو هلندڙ دفاعي حڪمت عملي جو حصو آهي، چيئرمن جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪاميٽي جنرل احسان الحق سائنسدانن کي ڪامياب تجربي تي مبارڪباد ڏني آهي. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي دفاعي صلاحيت تي فخر ڪري ٿو.

ياد رهي ته پاڪستان ۽ انڊيا لاڳيتو ميرائل تجربا ڪري رهيا آهن. صرف ٻه ڏينهن اڳ انڊيا ٻن ميزائلن جي هوا ۾ ٽڪراءُ جو ڪامياب تجربو ڪيو هو.

ذريعا