پشاور ۾ سڱاوتي تڪرار تان 5 ڄڻا قتل

وڪي اخبار کان

پشاور ۾ سڱاوتي تڪرار تان 3 عورتن سميت 5 ڄڻا قتل...رپورٽ: زبير زرار منگي

پشاور ۾ سڱاوتي تڪرار تان اڻ ڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري 3 عورتن سميت 5 ڄڻن کي قتل ڪر ي ڇڏيو آهي. واقعو ڪريم آباد ۾ ان وقت پيش آيو، جڏهن ڪار ۾ سوار اڻ ڄاتل هٿياربندن هڪ گهر ۾ داخل ٿي انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ئي ڪٽنب جي 3 عورتن سميت 5 ڄڻا موقعي تي مارجي ويا.

ٻڌايو پيو وڃي ته هٿياربندن جو مارجي ويل ڪٽنب سان پراڻو سڱاوتي تڪرار هلندڙ هو، جنهن به ڄاڻايل ڪٽنب لڏپلاڻ ڪري ڪريم آباد ۾ آباد ٿيو هو.

مارجي ويلن ۾ هڪ عورت، سندس ٻه ڌيئرون، هڪ پٽ ۽ مڙس شامل آهن. اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش اسپتال پهچايا.