پنجاب جي هڪ ڳوٺ ۾ شادي جي تقريب دوران باه لڳڻ جي واقعي سبب ڪنوار سميت 18 ماڻهو فوت

وڪي اخبار کان

16 ڊسمبر 2006

پنجاب جي ضلعي ڊيره غازي خان جي هڪ ڳوٺ ۾ شادي جي تقريب دوران باه لڳڻ جي واقعي سبب ڪنوار سميت 18 ڄڻا فوت ٿي ويا.

ذريعن مطابق شادي جي تقريب ڊيره غازي خان کان پندرهن ڪلوميٽر پري هڪ ڳوٺ نالي جهوڪ اترا ۾ ٿي رهي هئي. پوليس ذريعن ارڙهن ماڻهن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي سندن چوڻ مطابق تعداد وڌڻ جو خدشو آهي.

پوليس ذريعن ٻڌايو آهي ته باه هڪ ٽينٽ کان شروع ٿي جتي عورتون ڪنوار سان گڏ ويٺيون هيون. فوتين ۾ 13 عورتون ۽ پنج ٻار شامل آهن. چيو ويو آهي ته باه بجلي جي تارن مان اسپارڪنگ سبب لڳي. زخمين کي طبي امداد لاءِ مقامي اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو آهي.

ذريعا