ڀارتي آسام ۾ پوليس هٿان ٻه ٻار قتل، مقامي ماڻهن ٿاڻي تي حملو ڪري ٽن پوليس اهلڪارن کي ماري وڌو

وڪي اخبار کان

18 نومبر 2006

ڀارتي رياست آسام ۾ پوليس اهلڪارن فائرنگ ڪري ٻن ٻارن کي ماري ڇڏيو آهي جڏهن ته مقامي ماڻهن ٿاڻي تي حملو ڪري ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي پوليس اهلڪار سخت زخمي ٿي پيا جنهن مان ٽي پوليس اهلڪار زخمن جا تاب نه سهي فوت ٿي ويا.

جهيڙو ان وقت شروع ٿيو جڏهن پوليس هڪ چوڪي تي موٽرسائيڪل سوار هڪ نوجوان کي گهليندي ٿاڻي اندر وٺي وئي. ردعمل ۾ ڪيترائي مقامي ماڻهو گڌ ٿي ويا ۽ انهن ٿاڻي تي حملو ڪري ڏنو پوليس موقعي تي فائرنگ ڪري ڏني جنهن ۾ ٻه ٻار مارجي ويا. جهيڙي ۾ ڪيترائي پوليس اهلڪار سخت زخمي پڻ ٿيا جن مان ٽن اسپتال ۾ دم ڏنو.

ذريعا