ڀارت پاران 5 رينجرز اهلڪار پاڪستان حوالي

وڪي اخبار کان

ڀارت پاران سرحد پار ڪندڙ 5 رينجرز اهلڪار پاڪستان حوالي..رپورٽ: زبير زرار منگي..

ڀارتي حڪومت پاران غيرقانوني طور سرحد پار ڪندڙ 5 پاڪستانين کي واگها سرحد وٽ پاڪستاني اهلڪارن حوالي ڪري ڇڏيو آهي، جن ۾ هڪ جو تعلق گهوٽڪي ۽ هڪ جو نوابشاهه سان آهي. ڀارتي اهلڪارن پاران غيرقانوني طور سرحد پار ڪندڙ پنجن پاڪستاني شهري قيدين کي واگها بارڊر تي پاڪستاني رينجرس اهلڪارن حوالي ڪري ڇڏيو آهي، جيڪي روزگار لاءِ غيرقانوني طور سرحد پار ڪري هندستان جي مختلف علائقن ۾ ويا هئا.

ڀارتي پوليس پاڪستاني شهرين کي  پڪڙڻ بعد هندستان جي مختلف جيلن ۾ سندن مٿان ڪيس هلايا ويا هئا.

ڀارت جي جيلن مان آزادي حاصل ڪندڙ انهن قيدين ۾ گهوٽڪي سان واسطو رکندڙ 46 ورهين جو نور محمد، نوابشاهه جو 40 ورهين جو مرزا علي، گجرات مان 45 ورهين جو اسلم بيگم گجرانوالا جو 44 ورهين جو محمد رياض ۽ 45 ورهين جو ذهني مريض محراج الدين شامل آهن. رينجرس اهلڪارن پاران انهن پنج پاڪستانين کي ايڌي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، جن کي ايڌي اهلڪارن پاران انهن جي گهرن تائين پهچايو ويندو.