ڀارت ۾ ٿيندڙ دهشتگردي پٺيان پاڪستان جو هٿ آهي ان جا پڪا ثبوت آهن، ڀارتي پرڏيهي وزير

وڪي اخبار کان

17 نومبر 2006

ڀارت ۾ ٿيندڙ دهشتگردي پٺيان پاڪستان جو هٿ آهي اسان وٽ ان ڳالهه جا پڪا ثبوت موجود آهن. اها ڳالهه ڀارتي پرڏيهي وزير پرناب مکرجي هڪ ٽي وي کي انٽريو ڏيندي ڪئي.

پرناب مکرجي وڌيڪ چيو ته ڀارت ۾ جيڪي به مذهبي ويڙهاڪ دهشتگرد ڪاروائيون ڪري رهيا آهن انهن جي پٺ ڀرائي پاڪستان ڪري رهيو آهي ان جا اسان وٽ پڪا ثبوت موجود آهن. ڀارت ۾ تازيون دهشتگرد ڪاروائيون پاڪستان جي پٺ ڀرائيءَ سان ٿيون آهن. ياد رهي ته پاڪستان اڳ ئي اهڙن الزامن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

ذريعا