چاليهه سال اڳ جي ايم سيد اسان کي خطرن کان آگاه ڪيو پر اسان سندس پيغام تي اعتبار نه ڪيو، جلال محمود شاه

وڪي اخبار کان

26 نومبر 2006

سنڌ اسيمبلي جي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر سيد جلال محمود شاه چيو آهي ته چاليهه سال اڳ جي ايم سيد اسان کي خطرن کان آگاه ڪيو پر اسان ان وقت سندس پيغام تي اعتبار نه ڪيو تنهنڪري اڄ سنڌ جي مٿان ٻٽي تلوار لٽڪيل آهي.

جسم پاران جشن سيد جي موقعي تي خطاب ڪندي هن چيو ته وڏو وزير چوي ٿو ته سنڌ جا ٻيٽ ترقي لاءِ وڪرو ڪيا ويا آهن. اصل ۾ اهو ترقي جي نالي ۾ بيٺڪيت جو پروگرام آهي.

هن وڌيڪ چيو ته اسان کي ذاتي ۽ گروهي مفادن واري سياست کان نڪري پنهنجي ووٽ کي سنڌ پرست ڌارا ۾ استعمال ڪرڻ گهرجي. اسان وٽ سائين جي ايم سيد جو فڪر موجود آهي جيڪو اسان سنڌين لاءِ راه نجات آهي.

جشن کي سيد زين شاه، مير محمد پيرزادي، رسول بخش ٿيٻي، نورالدين جمالي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

ذريعا

روزانه هلچل حيدرآباد