چين ۽ ڀارت ۾ معاهدو، ٻنهي رهنمائن تعلقاتن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جو عزم ڪيو

وڪي اخبار کان

21 نومبر 2006

چين ۽ ڀارت ۾ مختلف قسم جا 13 معاهدا ڪيا ويا آهن. ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن تعلقاتن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جو عزم ڪيو آهي.

چين ۽ ڀارت ۾ اقتصادي رابطه تيزي سان وڌي رهيا آهن ۽ هن سال باهمي تجارت جي ماليت ويهه ارب ڊالر کان وڌيڪ ٿيڻ جي توقع آهي.

ڀارتي وزيراعظم من موهن سنگهه گڏيل ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته ٻنهي ملڪن ايندڙ چئن سالن ۾ اقتصادي تعاون ٻيڻو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

چيني صدر چيو ته سرحدي تنازعن کي حل ڪرڻ جون ڪوششون جاري رهنديون. گڏيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته معاهدي کي حتمي صورت ڏيڻ لاءِ جوائنٽ ٽاسڪ فورس کي هڪ سال جو وقت ڏنو ويو آهي.

ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصاديات، واپار، سائنس، توانائي، زراعت، تعليم سميت مختلف شعبن ۾ معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون آهن.

ذريعا