ڇتي ڪتي جي چڪڻ سبب ٻار بيماري ۾ مبتلا

وڪي اخبار کان

8 ورهين جو ٻار موذي بيماري ۾ مبتلا...رپورٽ: زبير زرار منگي


خيرپور ناٿن شاهه تعلقي جي ڳوٺ نورنگ چانڊيو جو رهواسي 8 ورهين جو ٻارڙو ڇـِتي ڪـُتي جي چڪ سبب هائڊرو فوبيا ۾ مبتلا ٿي ويو آهي. 2 مهينا اڳ 8 ورهين جي نينگر گلشير چانڊيو کي ڇتي ڪتي چڪيو هو، جنهن کي ميهڙ اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو. ميهڙ اسپتال ۾ وئڪسين نه هئڻ سبب نينگر جو صحيح نموني سان علاج نه ٿي سگهيو ۽ کيس زخم اسپتال مان ڊسچارج ڪيو ويو. ٻن مهينن بعد نينگر تي هائڊرو فوبيا جو اثر ٿيو، سندس والدين کيس لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال ۾ داخل ڪرايو. نينگر جي والد ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي وس وارن کي اپيل ڪئي ته سندس پٽ جي علاج لاءِ ساڻس مدد ڪئي وڃي.