ڊاڪٽر صفدر سرڪي جي خفيه ايجنسين هٿان گمشدگي خلاف ورلڊ سنڌي انسٽيٽوٽ پاران مهم هلائڻ جو اعلان

وڪي اخبار کان

2 ڊسمبر 2006

ورلڊ سنڌي انسٽيٽيوٽ جي صدر زاهد مخدوم هڪ پريس ريليز ذريعي اعلان ڪيو آهي ته جيئي سنڌ قومي محاذ جي اڳواڻ ڊاڪٽر صفدر سرڪي جي خفيه ايجنسين هٿان گمشدگي خلاف ورلڊ سنڌي انسٽيٽوٽ هڪ مهم جو آغاز ڪيو آهي ته جيئن صفدر سرڪي کي بازياب ڪرائي سگهجي.

پريس ريليز مطابق ڊاڪٽر صفدر سرڪي ۽ آصف بالادي کي ڪميونٽي هيومن رائٽس ايوارڊ لاءِ نامزد پڻ ڪيو ويو آهي جيڪو 8 ڊسمبر تي هڪ تقريب ذريعي ڏنو ويندو.

پريس ريليز ۾ هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان جي حوالي سان وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستاني خفيه ايجنسيون سنڌ ۽ بلوچستان جي قومپرست اڳواڻن کي اغوا بعد گم ڪري ڇڏين ٿيون.

ذريعا

  • پريس ريليز ”ورلڊ سنڌي انسٽيٽيوٽ“