ڊاڪٽر عافيه صديقي جي آزادي لاءِ وارثن جو نواز شريف سان رابطو

وڪي اخبار کان

آمريڪا ۾ قيد ڊاڪٽر عافيه صديقي جي آزادي لاءِ نواز شريف سان وارثن جو رابطو.... رپورٽ: زبير زرار منگي

ڊاڪٽر عافيه صديقي جي ڀيڻ فوزيه صديقي رائيونڊ پهچي نواز ليگ جي سربراهه ميان نوز شريف سان ملاقات ڪئي، نواز شريف چيو آهي ته ڊاڪٽر عافيه کي آمريڪي قيد مان آزادي ڏيارڻ لاءِ فوري طور قدم کنيا وڃن. ملاقات دوران نواز ليگ سربراهه ميان نواز شريف چيو ته مشرف دور ۾ آمريڪا حوالي ڪيل سمورن پاڪستانين کي آزادي ڏيارڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته حڪومت کي گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ پڻ اثرائتا قدم کڻي. ملاقات دوردان ڊاڪٽر فوزيه صديقي ميان نواز شريف کي ڊاڪٽر عافيه جي گرفتاري توڙي گهر ڀاتين کي جي ڳڻتي بابت تفصيلن کان آگاه ڪيو.