ڊينگو وائرس فيور جي فوتين جو انگ 35 ٿي ويو، 3530 مريضن تي ڊينگو وائرس جو شڪ

وڪي اخبار کان

9 نومبر 2006

ڊينگو وائرس فيور جي فوتين جو انگ 35 ٿي ويو آهي جڏهن ته ڊينگو وائرس جي شڪ سبب اسپتالن ۾ داخل مريضن جو انگ 3530 ٿي ويو آهي.

فوتين مان 33 ڄڻا سنڌ جا جڏهن ته ٻه پشاور جي علائقي مان چيا ويا آهن. اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ مريضن جو انگ 537 ٻڌايو ويو آهي.

ذريعن مطابق حڪومت سجاڳي مهم شروع ڪري ڇڏي آهي مقامي حڪومتن کي پڻ اهڙيون هدايتون ڪيون ويون آهن.

ذريعا