ڪراچي جي علائقي بلديا ٽائون ۾ پيش امام سميت 5 ڄڻا مارجي ويا

وڪي اخبار کان

ڪراچي ۾ وڌندڙ خونريزي....زبير زرار منگي

ڪراچي جي بلديا ٽائون واري علائقي ۾ هڪ مسجد تي هٿياربندن پاران ڪيل فائرنگ جي نتيجي ۾ پيش امام سميت 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ ساڳي علائقي ۾ فائرنگ سبب وڌيڪ هڪ نوجوان مارجي ويو آهي. قائمخاني ڪالوني ۾ هڪ مسجد تي 20 کان وڌيڪ هٿياربندن حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ مسجد جو پيش امام شمس الحق، عالمگير، عبدالمالڪ ۽ ڪمال مارجي ويا. واقعي بعد علائقي جو ڪاروبار بند ٿي ويو ۽ رهواسين پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. پوليس مارجي ويلن جا لاش سول اسپتال پهچايا، جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا. بلديه ٽائون جي علائقي 7 نمبر ۾ فائرنگ جي هڪ ٻئي واقعي ۾ هڪ نوجوان مارجي ويو. ڊي آءِ جي ويسٽ عليم جعفري ڪي ٽي اين نيوز کي ٻڌايو ته ٻن سياسي گروپن ۾ پلاٽ جي مالڪي تان تڪرار هلندڙ هو، جنهن سبب هڪ ڌر جي ماڻهن فائرنگ ڪري 4 ڄڻن کي قتل ڪيو آهي.