ڪورٽ ۾ وڪالت دوران نقاب نٿو پهري سگهجي، سينئر جج

وڪي اخبار کان

4 نومبر 2006

هڪ پاڪستاني سينئر جج چيو آهي ته ڪورٽ ۾ وڪالت لاءِ نقاب پائي نٿو اچي سگهجي ان سان سڃاڻپ جي ڏکيائي ٿئي ٿي.

ذريعن مطابق جج چيو ته وڪيل پروفيشنل ٿيندا آهن توڙي جو اهي عورتون هجن. تنهنڪري ڪورٽ ۾ اندر نقاب پائڻ نه گهرجي. اسان نقاب پوش وڪيل عورت کي نٿا سڃاڻي سگهون.

ٻئي طرف عورت وڪيل انجم ميڊيا کي ٻڌايو ته منهنجي لاءِ نقاب ۾ وڪالت ڪرڻ وڌيڪ خوداعتمادي پيدا ڪندو آهي. آئون حيران آهيان ته اهڙو فيصلو ڇو ڪيو ويو آهي. انجم پنهنجو پاڻ کي ترقي پسند مسلمان ڪوٺيندي چيو ته حجاب عورت جي شان کي وڌائيندو آهي.

ذريعا