گلوڪاره زيب النساءِ گڙدن جي بيماري سبب اسپتال داخل

وڪي اخبار کان

رپورٽ: زبير زرار منگي

سنڌ جي ويجهي ماضيءَ جي خوبصورت آواز جي مالڪ گلوڪاره زيب النساءِ گڙدن ۾ انفيڪشن بعد سخت بيمار ٿي پئي آهي جنهن کي نوابشاهه کان ڪراچي منتقل ڪيو ويو آهي. 64 ورهين جي گلوڪارا زيب النساءِ جو خانگي اسپتال ۾ علاج هلندڙ آهي ۽ ڊگهي عرصي کان گلوڪاريءَ کان پري هجڻ سبب سندس معاشي حالتون به ٺيڪ نه آهن. محمد جمن، محمد ابراهيم، محمد يوسف، زرينا بلوچ، امينا ۽ ٻين گلوڪارن ۽ گلوڪارائن جي همعصر زيب النساءِ، معاشي تنگيءَ سبب پريشاني جو شڪار آهي. مشهور ڍولڪ نواز مير مڱڻهار کي پڻ دل جو دورو پوڻ سبب سول اسپتال حيدرآباد ۾ داخل ڪيو ويو آهي، جتي ٻن ڏينهن کان سندس علاج هلندڙ آهي. ڍولڪ وڄائي پنهنجي خاندان جو پيٽ گذر ڪندڙ مير مڱڻهار اسپتال ۾ داخل هئڻ ڪري هڪ طرف روزي نه ٿو ڪمائي سگهي ته ٻئي طرف هزارين روپين جي روزانو دوائن جو خرچ ڪرڻ لاءِ به وٽس وسيلا نه آهن. ڍولڪ نواز مير مڱڻهار اختيارين کي واهر جي اپيل ڪئي آهي