گڏيل قومن جي نگراني ۾ ريفرينڊم ڪرائي سنڌين جي راءِ معلوم ڪئي وڃي، ورلڊ سنڌي ڪانگريس

وڪي اخبار کان

ورلڊ سنڌي ڪانگريس پاران منعقد سنڌ يونيٽي فورم انٽرنيشنل ”سنڌ ۽ جمهوريت“ ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته سنڌين کي گڏيل قومن جي نگراني ۾ ريفرينڊم ذريعي پنهنجي مستقبل جي فيصلي جو اختيار ڏنو وڃي.

وڌيڪ چيو ويو آهي ته سنڌ ڏهه هزار سالن کان آزاد حالت ۾ رهي آهي. جڏهن 1843ع ۾ انگريزن جي قبضي کان پوءِ سنڌ جي آزاد حالت کي ختم ڪيو ويو هو. 1940ع جي قرارداد ۾ سنڌ جي آزاد حالت ۾ بحالي جو وعدو ڪيو ويو هو پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌ کي اهڙو حق نه ڏنو ويو.

ورلڊ سنڌي ڪانگريس سموري دنيا جي سڄاڻ حلقن کي اپيل ڪئي آهي ته ڪروڙين سنڌين جي تاريخي حق جي حاصلات لاءِ مدد ڪئي وڃي.

ذريعا